سوڀراج پرسرام مينگهاڻي

سوڀراج پرسرام مينگهاڻي: نامياري اسٽيج اداڪار ايس. پي. مينگهاڻي، پهرين مارچ 1934ع تي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو سوڀراج پرسرام مينگهاڻي آهي. هن ورهاڱي بعد سنڌ کي الوداع ڪيو ۽ بمبئي لڏي ويو، جتي هن هند جي سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ اسٽيج ناٽڪ کي ذريعو بڻايو ۽ هندستان جي مختلف رياستن ۾ وڃي سنڌيت جي پرچارڪ ڪئي، کيس سنڌ سان لازوال محبت هئي. هن اسٽيٽ انشورنس ڪارپوريشن آف انڊيا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس پهريون ناٽڪ انڊر سيڪريٽري هو، جيڪو هن 1961ع ۾ اسٽيج ڪيو، ان بعد ’پياسو من‘ (1966ع)، ’ياد ڪندا‘ (1967ع)، ’هي يا هو‘ (1977ع)، ’لو ليٽر‘ (1978ع)، ’ٽي پارٽي‘ (1980ع)، ’جوت جهڙي‘، ’ڇورا اڳيان، پوڙها پٺيان‘ ۽ ’جيون ساٿ‘ جهڙن يادگار ناٽڪن ذريعي سنڌي اسٽيج کي زور وٺرايو. 1960ع کان سنڌو ڪلا مندر جي بئنر هيٺ هن 40 کان وڌيڪ وڏا ناٽڪ ۽ 1150 ايڪانيڪي ناٽڪ پيش ڪيا. مرهٽي ناٽڪن ۾ پڻ هن پنهنجي ڪلا جا جوهر ڏيکاريا. ايس. پي. مينگهاڻي چوڏهن فلمن ۾ اداڪاري ڪئي. سندس وني ڪلپنا راڻيءَ جو پڻ هن سان ڀرپور ساٿ ۽ سهڪار رهيو. هن ئي مرهٽي ناٽڪن کي اُلٿو ڪري سنڌي ڏسندڙن اڳيان آندو. ايس. پي. منگهاڻي ڇهن ڏهاڪن کان پنهنجي ڪلا سان سنڌي اسٽيج کي سنواريندو رهيو. هزار کان وڌيڪ نون سنڌي ڪلاڪارن کي پنهنجي اداري ’سنڌو ڪلامندر‘ ۾ موقعو فراهم ڪيائين ۽ همت افزائي ڪيائين. هن 80 سالن جي ڄمار ۾ جون 2012ع ۾ بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ سوڀراج پرسرام مينگهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.03.01  عيسوي

نامياري اسٽيج اداڪار ايس. پي. مينگهاڻي، پهرين مارچ 1934ع تي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو سوڀراج پرسرام مينگهاڻي آهي. هن ورهاڱي بعد سنڌ کي الوداع ڪيو ۽ بمبئي لڏي ويو،


2012.06.00  عيسوي

سوڀراج پرسرام مينگهاڻي 80 سالن جي ڄمار ۾ جون 2012ع ۾ بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد سنڌي
اسحاق مڱريو
آصف رزاق مھر
ظل الرحمان سيد حڪيم
تاج حيدر
ڌياڻو مخدوم عربي
عذرا سرور ڪنڌر
تڳيو چانگ
محمد يوسف سرهيو
وزير علي ڀنڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون